ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي(ٻيو)

ڄام گوڙجي- II: هيءُ ڄام لکپت جو پٽ هو. هيءُ 1734ع ڌاري ڀُڄ ۾ ڄائو. هيءُ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ 1761ع ۾ ڪڇ جي گاديءَ تي ويٺو. پنهنجي وزير پونجا جي مخالفت جي ڪري هن جي حڪومت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا ڪڇ تي حملو ٿيو. هر دفعي ملڪ ويران ڪيو ويو. ٻه ڀيرا هن کي غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪاهن کي مُنهن ڏيڻو پيو. ميان غلام شاهه پهريون حملو 1762ع ۾، ۽ ٻيو حملو 1765ع ۾ ڪيو. هن پنهنجي هڪ مخلص مصاحب سيٺ ديو ڪرن کي مارايو ۽ ان جي پٽ سيٺ پونجي کي بيعزتو ڪيو. سيٺ پونجو پهرين ته گوشائتو ٿي ويٺو، پر جڏهن راءِ گوڙجي حڪمران ٿيو ته هو وزير ٿيڻ جي آس ۾ وٽس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر کيس خبر پئي ته راءِ گوڙجي ته مورڳو کيس مارڻ جي پويان آهي. تنهن کان پوءِ سيٺ پونجو ڀڄي سنڌ ۾ آيو، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کيس هٿو هٿ ورتو ۽ نيٺ ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ميان غلام شاهه، راءِ لاکي جي پٽ راءِ گوڙجيءَ جي دور ۾ ڪڇ تي ڪاهيو ۽ ڪڇ جا ڪافي علائقا فتح ڪرڻ بعد راءِ گوڙجيءَ بستا ۽ لکپت بندر جي عيوض صلح جي درخواست ڪئي. غلام رسول مهر، تاريخ ڪلهوڙا ۾ لکي ٿو ته راءِ گوڙجي پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيڻ جو اقرار به ڪيو، پر پوءِ راءِ گوڙجي معاهدي تان ڦري ويو. هن نه رڳو معاهدي جا شرط نه مڃيا، بلڪه پنهنجي مخلص مصاحب سيٺ پونجي کي گهرائي پنهنجي اڳيان زهر پي مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. نيٺ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٻيهر ڪڇ تي چڙهائي ڪئي. غلام رسول مهر ان حملي جو سال 1178 هه (65-1764ع) ڄاڻائيندي ٻڌائي ٿو ته جڏهن سنڌي فوج ڀڄ کان رڳو پنج ڪوهه پري هئي ته راءِ وري صلح جي درخواست ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سؤٽ جي ڌيءُ ميان صاحب جي نڪاح ۾ ڏني. ميان غلام شاهه هن راڻيءَ کي ’سنڌ راڻي‘ جو خطاب ڏنو ۽ مائٽيءَ جي نسبت سان بستا ۽ لکپت بندر ڪڇ جي راءِ کي واپس ڪيا ويا. (حوالو: ٽه ماهي مهراڻ 1-2/2008ع) هن کي ڪل 10 زالون هيون، جن مان هڪ جهالا راڻي به هئي. هن کي ٻه پٽ ٿيا. (1) رائڌڻ- II ۽ (2) پرٿويراج سنگهه جي (ڀائيجي باوا). هن 1778ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو